عربي - سنڌي آئيويٽا جو اڀياس

عربي - سنڌي آئيويٽا جو اڀياس

عربي سنڌي آئيويٽا جو اڀياس

عربي - سنڌي آئيويٽا جو اڀياس (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر الطاف جوکئي جو لکيل آهي. ڪتاب جو انتساب ليکڪ پنهنجي والد محبوب علي جوکئي، والده زيب النساءِ جوکيو ۽ پنهنجي استاد پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي کي ڪيو آهي. ‘ناشر نوٽ’ سرفراز راڄڙ ۽ ‘ٻه اکر’ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. ڪتاب ترتيب جي لحاظ کان ڇهن بابت تي مشتمل آهي. باب پهريون آئيويٽا، الف- ب پٽي جي معنيٰ ۽ مفهوم، باب ٻيو ديوناگري، عربي ۽ عربي سنڌي ترتيب جو تقابلي جائزو، باب ٽيون آئيويٽا (اصطلاح) جو ڪارج، باب چوٿون عربي- سنڌي رسم الخط ۽ آئيويٽا جي سرڪاري مقرري، باب پنجون عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب واري مسئلي جو اڀياس ۽ باب ڇهون عربي- سنڌي آئيويٽا جي مختلف رخن کان ورڇ ۽ تجويز ڪيل ترتيب ۾ ورهايل آهي. هر باب ۾ سب عنوان ڏئي سمجهڻ لاءِ آسان بنايو ويو آهي. آخر ۾ ببليوگرافي پڻ ڏنل آهي.
ڊيمي سائيز ۾ هي ڪتاب فيبروري 2017ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد پاران ڇپيو. 168 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو